اهم خبرون

پاڪستان

تازه خبرون

April 3, 2022 3:24 pm

چيف جسٽس سياسي صورتحال جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جا تالا کوليا ويا، چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ پهچي ويو ۽ موجوده سياسي صورتحال جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو.

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جا تالا کوليا ويا، چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ پهتو.

عدالتي عملو به سپريم ڪورٽ پهچڻ لڳو.

پيپلزپارٽي جا وڪيل اسپيڪر راولنگ خلاف درخواست داخل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ پهچي ويا آهن.

 

بلاول ڀٽو ۽ نيئر بخاري پاران درخواست داخل ڪئي وئي

شهباز کوسا چيو ته هو بلاول ڀٽو ۽ نيئر بخاري طرفان درخواست داخل ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ٻڌڻي اڄ ٿيندي يا نه.

شهباز کوسا چيو ته اڄ عوام جي حقن سان کيڏيو ويو آهي، حتمي فيصلو سپريم ڪورٽ ڪندي.

ان کان اڳ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ جي ساٿي ججن کي مشاورت لاءِ طلب ڪري ورتو هو.

ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ساٿي ججن کي پنهنجي گهر گهرايو آهي.

وڌيڪ پڙهو: