پاڪستان

December 16, 2021 1:13 pm

چيف جسٽس آف پاڪستان خلاف توهين آميز تقرير ڪندڙ پ پ اڳواڻ مسعود الرحمان عباسي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، چيف جسٽس آف پاڪستان خلاف توهين آميز تقرير ڪندڙ ڪندڙ پ پ اڳواڻ مسعود الرحمان عباسي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس اطهر من الله جوابدار جي پنج هزار رپين جي مچلڪن عيوض گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪري ورتي.

ڊپٽي اٽارني جنرل  سيد طيب شاهه عدالت کي ٻڌايو ته پاڪستان اليڪٽرانڪ ڪرائم ايڪٽ جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن.

چيف جسٽس اطهر من الله معلوم ڪيو ته  جوابدار ڪهڙو دهشتگردي جو ڏوهه ڪيو آهي؟ جوابدار ڪهڙو بم ڌماڪو ڪرڻ  لاءِ چيو آهي؟.

مسعود الرحمان عباسي چيو ته توهين ڪندڙ تقرير تي سپريم ڪورٽ  هلندڙ سالن جي جون ۾ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.

پوليس سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس جي روشني ۾ ڪيس داخل ڪري مسعود الرحمان کي گرفتار ڪري ورتو هو،

جوابدار کي  گرفتاري کانپوءِ  اڊيالا جيل ۾ قيد آهي ، توهين ڪندڙ تقرير جو سپريم ڪورٽ جون ۾ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.

وڌيڪ پڙهو: