پاڪستان

تازه خبرون

November 18, 2021 11:55 am

چونڊ سڌارا بل تي اپوزيشن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي دعوت

وفاقي سرڪار چونڊ سڌارا بل تي اپوزيشن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.

ان حوالي سان ٽوئٽ ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عدالت وڃڻ بدارن اسپيڪر جي آفيس اچو، اوهان جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي.

هن چيو ته اپوزيشن پهريان اِي وي ايم سسٽم کي سمجهي، سمورا خدشا ختم ڪنداسين، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ کان پوئتي نٿا هٽي سگهون، هي اسان جو چونڊ واعدو هو.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته زرداري ۽ شريف ڪٽنب جي سياست ماضيءَ جو قصو بڻجي وئي آهي، هاڻي اپوزيشن ۾ به نون رانديگرن جو وارو آهي.

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته، ايندڙ 2 سال ملڪ لاءِ ايندڙ 20 سالن جي سياست طئي ڪندا، 1990 واري سياست جو ايندڙ ٻن سالن اندر مڪمل خاتمو ٿي ويندو..

وڌيڪ پڙهو: