بين الاقوامي

تازه خبرون

November 11, 2021 4:24 pm

ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي، ايڪتاليهه ڄڻا فوت

ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ تيز برساتن جي نتيجي ۾ 41 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ پوندڙ تيز برساتن جي نتيجي ۾ 41 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. سريلنڪا ۾ برساتن سبب 25 ماڻهو فوت ٿيا. جڏهن ته لينڊ سلائيڊنگ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ 16 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. تيز برساتن جي نتيجي ۾ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن ۽ متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن طرف منتقل ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه تامل ناڊو ۾ اسڪول ۽ ڪاليج سميت ٽرين سروس کي بند ڪيو ويو آهي.

ڀارتي موسميات کاتي موجب متاثر علاقن ۾ وڌيڪ تيز ۽ هلڪي برساتن جو امڪان آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي پر سريلنڪا جي موسميات کاتي چيو آهي ته اڄ کان موسم جي صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي ويندي.

وڌيڪ پڙهو: