بين الاقوامي

پاڪستان

تازه خبرون

November 23, 2021 1:44 pm

ڀارت پنهنجي عوام کي خوش ڪرڻ لاءِ اڀي نندن کي ايوارڊ سان نوازيو

پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته فيبروري 2019 ۾ ايف 16 جهاز ڪيرائڻ واري ڀارتي دعويٰ ڪوڙ تي ٻڌل آهي،

اڀينندن کي ايوارڊ ڏيڻ عوام جي اصل معاملن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي.

جاري ڪيل بيان مطابق ڀارت اڀي نندن کي ايوارڊ سان نوازي دنيا ۾ پنهنجو مذاق اڏايو آهي.

ترجمان ڄاڻايو ته پاڪ فضائيه ڀارت جو هڪ مگ جهاز ڪيرائي ڇڏيو هو ۽ ڀارتي پائليٽ کي گرفتار ڪيو.

ترجمان ڄاڻايو ته ڀارتي پائليٽ کي واپس موڪلڻ جو مقصد اهو هو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي.

ترجمان مطابق ڀارت پنهنجي عوام کي خوش ڪرڻ لاءِ اڀي نندن کي ايوارڊ سان نوازيو آهي.

هن چيو ته گذريل ڏينهن ڀارت اڀي نندن کي “ڀارت جي ٽئين وڏي ايوارڊ ويرا چڪرا” سان نوازيو هو..

وڌيڪ پڙهو: