سنڌ

November 29, 2021 1:05 pm

ٿر جي صورتحال بابت سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ جا تفصيل سامهون

ٿر جي صورتحال بابت سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن،

سپريم ڪورٽ ۾ ٿر جي صورتحال ۽ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بابت پيش ڪيل رپورٽ جا تفصيل ڪي ٽي اين نيوز هٿ ڪري ورتا آهن.

رپورٽ موجب خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي 2018 کان 2020 تائين 2 هزار 232 ٻار فوت ٿيا، فوتين ۾ هڪ سال جي ڄمار وارا هڪ هزار 939 ٻارڙا شامل آهن،

ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر ۾ ايمرجنسي ۽ ڊائيلاسز يونٽ جي سهولت ناهي، صحت جون سهولتون ڏيندڙ 450 مان 158 ادارا غير فعال بڻيل آهن.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ، سول اسپتال مٺي ۾ گزيٽيڊ جون 13 ۽ نان گزيٽيڊ جون 34 پوسٽون خالي پيل آهن،

گريڊ هڪ کان 16 تائين جي 3 هزار 45 پوسٽن مان هڪ هزار 105 خالي پيل آهن..

وڌيڪ پڙهو: