سنڌ

December 30, 2021 12:04 pm

ٿر جي شاگردياڻين ۾ راندين جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ مٺي ۾ انڊر 22 سال ڇوڪرين جو فُٽبال ٽورنامينٽ

ٿر جي شاگردياڻين ۾ راندين جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ مٺي ۾ انڊر 22 سال ڇوڪرين جو فوٽ بال ٽورنامينٽ ٿيو، جنهن ۾ ٿر جي شاگردياڻين لاءِ اتساهه پيدا ڪيو ويو.

مٺي جي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ هڪ ڏينهن جي کيڏيل ٽورنامينٽ ۾ ڪراچي، لاهور، ميرپورخاص ۽ ٺٽي جي ٽيمن پاران بهترين پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو ويو.

فائنل ۾ ڪراچي جي ديا ڪلب ٽيم ميرپورخاص ٽيم کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ پنهنجي نانءُ ڪيو، ان دوران اسسٽنٽ ڪمشنر راجيش ڪمار، آرگنائيزر سعديه شيخ، نائلا شيخ، ساجد بجير، مريم صديقه دراني ٽيمن ۾ انعام ۽ شيلڊون ورهايون ويون.

ان موقعي تي ديا وومين فٽ بال ڪلب جي سربراهه سعديه شيخ ٿر واسين کي گهرجي ته پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارين ۽ راندين ۾ به حصو وٺڻ جو موقعو ڏين، ٿر جون 2 شاگردياڻيون پرڏيهه وڃي فٽ بال راند جي مقابلن ۾ حصو وٺي چڪيون آهن..

وڌيڪ پڙهو: