سنڌ

November 30, 2021 12:22 pm

ٿر جا ماڻهون بنيادي سهولتن ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپي رهيا آهن :  چيف جسٽس گلزار احمد

سپريم ڪورٽ ٿر ڪول منصوبو ڪرپشن ڪيس جاچ  لاءِ نيب کي موڪلي ڇڏيو.

چيف جسٽس گلزار احمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي نيب چيئرمين کي هدايت ڪئي ته آڊيٽر جنرل رپورٽ جو جائزو وٺي.

عدالت هدايت ڪئي ته شروعاتي رپورٽ ٽن مهينن ۾ پيش ڪئي وڃي، نيب سرڪار فنڊز ۾ گهوٻين ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

چيف جسٽس ڄاڻايو ته ٿر جا ماڻهون بنيادي سهولتن ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپي رهيا آهن، ٺٽو، منوڙو ۽ سجاول  جون حالتون به سٺيون ناهن.

عدالت رمارڪس ڏنا ته سنڌ جي وڏي وزير سميت  ڪنهن به سرڪاري عهديدار کي معاملي ۾ ڪابه دلچسپي ناهي،سمورو پئسو هڪ اڪائونٽ مان نڪري ٻئي ۾ هليو وڃي ٿو.

چيف جسٽس چيو ته آڊيٽر جنرل جي رپورٽ جي سفارشن جي روشني ۾ سنڌ حڪومت ڪوبه ايڪشن نه ورتو آهي،

ٿر ۾ نه آر او پلانٽ ضرورت مطابق لڳا، نه ئي پيئڻ جو صاف پاڻي موجود آهي.

چيف جسٽس مطابق واٽر فلٽريشن پلانٽ لاءِ سولر جنريشن پلانٽ به قائم نه ٿيو، موبائل ايمرجنسي هيلٿ يونٽ جي سهولت به فراهم نه ڪئي وئي.

سپريم ڪورٽ ڄاڻايو ته اسپيشل ترقياتي پيڪيج  فنڊ جو به غلط استعمال ڪيو ويو..

وڌيڪ پڙهو: