سنڌ

December 28, 2021 1:32 pm

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ گهوٽڪيءَ لاءِ روانو ٿي ويو.

پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو هائوس کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتو،

جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، شهيد مير شاهنواز ڀٽو ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ دعا گهري.

پ پ چيئرمين ملڪي سلامتي ۽ جمهوريت جي بالادستي لاءِ دعائون گهريون، جنهن  کانپوءِ گهوٽڪيءَ لاءِ روانو ٿي ويو،

سندس دوري دوران سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا ۽ مزارن کي عام ماڻهن کان خالي ڪرايو ويو.

بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينهن کان نئون ديرو هائوس ۾ ترسيل هو، جتي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ پڙهو: