سنڌ

January 2, 2022 4:16 pm

پ پ ملڪ لاءِ خطرو پيدا ڪري رهي آهي : اسد عمر

وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ جي نئين مڪاني نظام خلاف جلد نئين پٽيشن داخل ڪرائي ويندي،

پ پ ملڪ لاءِ خطرو پيدا ڪري رهي آهي، جيستائين سنڌ ۾ اختيار هيٺين سطح تي منتقل نه ٿيندا، تيستائين مسئلا ختم نه ٿيندا.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته آئين ۾ شهري ۽ ٻهراڙي سنڌ جو فرق واضح لکيل آهي،

سنڌ جي نئين مڪاني نظام خلاف هر سطح تي آواز اٿاريندا رهندا، چاهيون ٿا ته ملڪ جي مضبوطي ۾ صوبا ڪردار ادا ڪن.

هن چيو ته ڪرونا وائرس جي معاملي تي سياست ناهيون ڪندا ۽ نه ئي آئون صوبن ۾ فرق ڪندو آهيان، چاهيون ٿا ته صوبا به پنهنجي ذميواري پوري ڪن.

اسد عمر وڌيڪ چيو ته 7ڪروڙ 15 لک ماڻهن جي مڪمل ويڪسينيشن ڪري ورتي، مهم تي 250 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا،

ٻڌايو وڃي ته ڪهڙو قانون آهي، جيڪو سنڌ حڪومت کي ويڪسين خريد ڪرڻ کان روڪي ٿو..

وڌيڪ پڙهو: