اهم خبرون

پاڪستان

August 6, 2022 8:00 pm

پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس: ايف آءِ اي ڪراچي جي 5 رڪني جاچ ٽيم کي آفيس آرڊر جاري ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف منع ٿيل پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ وفاقي جاچ ادارو (ايف آءِ اي) حرڪت ۾ اچي ويو آهي ۽ ڪراچي ۾ به جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جي 5 رڪني جاچ ٽيم پڻ جوڙي وئي آهي ۽ ٽيم جي تشڪيل لاءِ آفيس آرڊر جاري ڪيو ويو آهي.

حڪم نامي موجب ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪمرشل بئنڪ سرڪل رابعه قريشي کي ٽيم جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي،

جڏهن ته ٽيم جي ميمبرن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رئوف شيخ، انسپيڪٽر سبين غوري، آفتاب وٽو، سب انسپيڪٽر راحت خان شامل آهن.

آرڊر موجب فنڊنگ ڪمپنين، فردن جي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مالياتي معاملن جا تفصيل حاصل ڪيا ويندا.

ٽيم پاران سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) سميت ايف بي آر کان تفصيل پڻ حاصل ڪيا ويندا.

ٽيم جاچ ۾ حاصل ڪيل ثبوت ۽ تفصيل هيڊ ڪوارٽرز ۾ قائم ٽيم سان شيئر ڪندي.

وڌيڪ پڙهو: