رانديون

February 7, 2022 3:13 pm

پي ايس ايل جي ٻي مرحلي لاءِ اين سي او سي پاران نئين گائيڊ لائن جاري

لاهور ۾ ٿيندڙ پي ايس ايل جي ٻي مرحلي لاءِ اين سي او سي پاران نئين گائيڊ لائن جاري ڪئي وئي آهي.

وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ نيشنل ڪمانڊ سينٽر جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ايس ايل جي ٻي مرحلي لاءِ ايس او پيز جو جائزو ورتو ويندو.

اين سي او سي موجب 15 فيبروري کان 50 سيڪڙو ويڪسينيٽڊ ماڻهن کي اسٽيڊيم ۾ وڃڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته 16 فيبروري کان مڪمل ويڪسينيٽڊ سئو سيڪڙو تماشائي اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏسي سگهندا.

اين سي او سي جو چوڻ آهي ته بنا  ويڪيسين وارن 12 سالن تائين جي ڄمار تائين جي ٻارن کي به ميچ ڏسڻ جي اجازت هوندي.

اين سي او سي موجب اندرون ملڪ ميچ ڏسڻ لاءِ لاهور ويندڙن لاءِ بي آر ٽي ٽيسٽ جو شرط ختم ڪيو ويو آهي، ٻاهرين ملڪ مان ايندڙن لاءِ ٽيسٽ جو شرط برقرارهوندو..

وڌيڪ پڙهو: