سنڌ

December 13, 2021 3:21 pm

پيپلز پارٽي ڪڏهن به لساني سياست ناهي ڪئي : مراد علي شاھ

مڪاني ادارن واري بل ۾ ٽائونز ٺاهڻ ۽ مئير توڙي چيئرمين جي چونڊ شو آف هينڊ ذريعي ڪرائڻ جا فيصلا به اپوزيشن جي چوڻ تي ڪيا آهن،

پيپلز پارٽي کي اقتدار ملڻ وقت سنڌ خاص طور راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ امن امان جي حالت انتهائي خراب هئي،

اسان سمورا نو گو ايرياز ختم ڪرائي ڇڏيا، پوليس، تعليم ۽ صحت جي کاتن کي وڌيڪ مضبوط ۽ بااختيار بڻايو ويندو.

نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ سکيا وٺندڙ 26 اي ايس پيز جي وفد وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سام ملاقات ڪئي.

ملاقات بعد وفد جي سوالن جا جواب ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به لساني سياست ناهي ڪئي،

سنڌ  پوليس سميت ڪيترن ئي ادارن ۾ غير سنڌي آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن.

پوليس، تعليم ۽ صحت جي کاتن کي وڌيڪ مضبوط ۽ بااختيار بڻايو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: