پاڪستان

December 1, 2021 12:05 pm

پيپلز پارٽي پاران 10 ۽ 17 ڊسمبر تي مهانگائي خلاف ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان

پيپلزپارٽي چيئرمين جي عمران خان ۽ ن ليگ تي تنقيد،

پشاور ۾ پيپلزپارٽي جي 54 هين يوم تاسيس واري جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪي بينظير کي چور چور سڏيندا هيا هاڻي پاڻ سرٽيفائيڊ چور ثابت ٿيا آهن، بينظير ۽ آصف زرداري کي سزائون ڏيارڻ لاءِ فون ڪندڙ جا آڊيو به سامهون اچي رهيا آهن، عمران ظلم ايترو ڪيو، جيترو پاڻ برداشت ڪري سگهو،

اسان اوهان کي پرڏيهه ڀڄڻ به نه ڏينداسين،

بلاول پاران 10 ۽ 17 ڊسمبر تي مهانگائي خلاف ملڪ ۾ احتجاج جو به اعلان ڪيو….

پيپلزپارٽي جو پشاور ۾ وڏو پاور شور، يوم تاسيس واري جلسي ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن جي شرڪت،

عورتون به وڏي انگ ۾ موجود رهيون، پارٽي نغمن تي جهمريون، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي ڪي پي جي ڪنٽونمنٽ چونڊن ۾ شڪست ڏني،

هاڻي عام چونڊن ۾ به عمران کي هتي شڪست ڏينداسين..

وڌيڪ پڙهو: