سنڌ

December 7, 2021 11:47 am

پيپلز پارٽي سنڌ ۾ مڪاني نظام ذريعي زردارانا سرداري نظام لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي : حليم عادل شيخ

سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ مڪاني نظام ذريعي زردارانا سرداري نظام لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي،

آمراڻي نظام خلاف تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي.

پنهنجي بيان ۾ حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي غلام بڻائي سڀئي اختيار پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿي،

عوام سان گڏجي سرداري مڪاني نظام خلاف جدوجهد ڪنداسين.

هن چيو ته مڪاني نظام ۾ سمورا اختيار سنڌ حڪومت پاڻ وٽ رکيا آهن، هڪ وزير ۽ سيڪريٽري هوندو، ناظم، چيئرمين سڀئي ان جا هوندا.

حليم عادل شيخ چيو ته ڪجهه ڪٽنب سنڌ جي عوام کي غلام بڻائي رهيا آهن،

ڪراچي ۾ آل پارٽيز اسٽيڪ هولڊرز ڪانفرنس ڪري رهيا آهيون، ڪورٽن ۽ روڊن تي به وينداسين..

وڌيڪ پڙهو: