سنڌ

November 15, 2021 1:16 pm

پيپلزپارٽي ايم پي اي شرجيل ميمڻ کي دبئي وڃڻ جي اجازت

سنڌ هاءِ ڪورٽ پيپلزپارٽي ايم پي اي شرجيل ميمڻ کي دبئي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، شرجيل ميمڻ نمائش ۾ شرڪت لاءِ عارضي طور اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ درخواست ڏني جيڪا عدالت منظور ڪندي کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پيپلز پارٽيجي ايم پي اي شرجيل ميمڻ کي دبئي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

شرجيل ميمڻ عدالت کي استدعا ڪئي سنڌ حڪومت کيس دبئي ميلي لا3 فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي تنهنڪري سندس نالو عارضي طور اي سي ايل مان خارج ڪري دبئي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.

عدالت شرجيل ميمڻ جي درخواست منظور ڪندي کيس 10 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ عيوض کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني.

واضح رهي ته  شرجيل ميمڻ  تي نيب ڪيسز ۾ ضمانت عيوض پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لڳل هئي..

 

وڌيڪ پڙهو: