عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شيون سستيون ٿيڻ سبب ملڪ ۾ پيٽرول جي اگهه ۾ في ليٽر 11 ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 9 روپين جي لاٿ جا امڪان آهن.
حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن دوران پيٽرول ۾ لاٿ ڪري سگهي ٿي.
ذريعن مطابق عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي اگهه ۾ گهٽتائي کانپوءِ حڪومت قيمتن ۾ لاٿ ڪري سگهي ٿي.
ذريعن مطابق وزير اعظم عمران خان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ لاٿ ڪري سگهي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ لاڳاتار پيٽرول جي اگهه ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي،
حڪومت ٽيڪس سطح گهٽائي يا وڌائي قيمتن جو حتمي فيصلو ڪري سگهي ٿي…