پاڪستان

تازه خبرون

November 13, 2021 5:59 pm

پيٽروليم شين مٿان لاڳو ڪيل سيلز ٽيڪس ۾ هيٺ مٿانهين جو نوٽيفڪيشن جاري

پيٽروليم شين جي قيمتن مٿان لاڳو ڪيل سيلز ٽيڪس جي شرح ۾ هيٺ مٿانهين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

ايف بي آر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول تي لاڳو سيلز ٽيڪس جي شرح 1.43 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي سيلز ٽيڪس جي شرح 6.75 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ تي لاڳو سيلز ٽيڪس جي شرح 6.70 ۽ لائٽ ڊيزل تي 0.20 سيڪڙو ٿي وئي آهي. واضح رهي ته وفاقي حڪومت هلندڙ مهيني جي شروعات تي ئي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي هئي.

وڌيڪ پڙهو: