اهم خبرون

پاڪستان

تازه خبرون

June 21, 2022 4:37 pm

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو تعلق آءِ ايم ايف سان ناهي: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو تعلق آءِ ايم ايف سان ناهي، پيٽروليم شين جا اگهه پوري دنيا ۾ وڌيا آهن.

ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، ملڪ اندر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ٿيڻ جو آءِ ايم ايس سان ڪو به تعلق ناهي.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته دنيا ۾ سمورا ملڪ ٻن ٽن پروگرامن کانپوءِ آءِ ايم ايف مان نڪري ويا آهن، اسان جون اڄ يا سڀاڻي آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿينديون.

مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف قوم کي اعتماد ۾ وٺندو.

وڌيڪ پڙهو: