پاڪستان

October 2, 2021 6:42 pm

پولو گرائونڊ ريفرنس: آصف زرداري جي بريت خلاف نيب پاران داخل ڪيل اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري جي بريت خلاف نيب اپيل ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب پولو گرائونڊ ريفرنس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي بريت خلاف نيب اپيل ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق سومر تي ٻڌڻي ڪندا.

عدالت 4 اپريل 2019 جي آخري  ٻڌڻي ۾ ڪيس پيپر باڪس طلب ڪيا هئا. اڳوڻي صدر کي احتساب عدالت 28 مئي 2014ع تي باعزت طريقي سان بري ڪيو هو. جنهن کان پوءِ نيب 2014 ۾ ئي احتساب عدالت جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو. واضح رهي ته آصف زرداري مٿان سرڪاري خرچ تي وزيراعظم هائوس ۾ پولو گرائونڊ تعمير ڪرائڻ جو الزام هو.

وڌيڪ پڙهو: