پاڪستان

December 31, 2021 4:41 pm

پنجن ٽيڪس قانونن ۾ ٿوري تبديلي ڪئي وئي آهي : چيئرمين ايف بي آر ڊاڪٽر اشفاق

ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر اشفاق چيو آهي ته مني بجيٽ ۾ پنجن ٽيڪس قانونن ۾ ٿوري تبديلي ڪئي وئي آهي،

دوائن تي ٽيڪس کي زيرو ڪيو ويندو، فارما سيڪٽر جي خام مال تي ٽيڪس گڏ ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر اشفاق چيو ته فارما سيوٽيڪل سيڪٽر تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم آڻينداسين، ان سيڪٽر جي خريد ۽ وڪري جي ڊيٽا کي ڏٺو ويندو.

هن چيو ته ٽارگيٽڊ سبسڊي لاءِ ايف بي ار 33 ارب رپين جي تجويز ڏني، ٽارگيٽيڊ سبسڊي لاءِ 16 اسمن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سورهن اسمن تي عام ماڻهوءَ کي سبسڊي تجويز ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته ماضي جي حڪومتن قانون ۾ مرضي جون ترميمون ڪرايو،آءِ ايم ايف جي سدائين ڊمانڊرهي آهي ته ٽيڪس سسٽم ٺيڪ ڪيو وڃي،

مختلف گروپن کي 70 سالن کان حاصل 343 ارب جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي پئي وڃي..

وڌيڪ پڙهو: