اهم خبرون

پاڪستان

May 19, 2022 3:05 pm

پنجاب ۾ 10 ڪلوگرام اٽي جو ٿيلهو 650 رپين بدران 490 رپين ۾ وڪرو ڪنداسين،حمزا شهباز

پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز  چيو آهي ته پنجاب ۾ 10 ڪلوگرام اٽي جو ٿيلهو 650 رپين بدران 490 رپين ۾ وڪرو ڪنداسين،160رپين جي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون،45 لک ٽن ڪڻڪ  خريد ڪري ورتي آهي.

لاهور ۾ اتحادين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حمزا شهباز چيو ته عمران خان پاران جلسي ۾ فوج جي خاندانن کي شريڪ ڪرڻ سنگين ڳالهه آهي،هو  فوج کي ورهائڻ واري سازش کان نه پيو هٽي.

حمزا شهباز چيو ته لانگ مارچ ۾ فوجي خاندانن جي شرڪت واري ڳالهه جو نوٽيس ورتو وڃي.

هن چيو ته عمران خان ادارن تي حملا ڪرڻ بند ڪري،عمران خان ادارن کي تباھ ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي.

حمزا شهباز چيو ته ادارن کي عمران خان جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته  عمران خان سياست جي نالي تي ڇڙواڳي پکيڙي رهيو آهي،عمران خان جي خراب پاليسين سبب ڊالر جي ملهه ۾ 40 سيڪڙو واڌ ٿي.

وڌيڪ پڙهو: