پاڪستان

تازه خبرون

October 24, 2021 11:33 am

پاڪ فوج امن لاءِ خدمتن ۾ سدائين اڳڀري رهي آهي : آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه

پاڪ فوج گڏيل قومن جي 76 هين عالمي ڏينهن تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج امن لاءِ خدمتن ۾ سدائين اڳڀري رهي آهي.

آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل پاران ڪيل ٽوئيٽ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته  اسان جي جوانن هر آزمائش جي گهڙي ۾ قربانيون ڏنيون آهن.

آرمي چيف چيو ته عالمي امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسان جون قربانيون دنيا جي سامهون آهن.

هن چيو ته اسان جون قربانيون بابائي قوم  جي ويزن جي مطابق اسان جون قربانيون  عالمي امن جي اسان جي عزم جي عڪاسي  ڪن ٿيون..

وڌيڪ پڙهو: