شوبز

October 3, 2021 5:58 pm

پاڪستان ۾ هيروئن بڻجڻ لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو آهي؟ اڀرندڙ اداڪارا جو وڏو انڪشاف

پاڪستان جي اڀرندڙ اداڪارا دُرِ فشان فني ڪيريئر جي مُنڍ ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين تان پردو کڻي ڇڏيو.

دُرِ فشان تازو هڪ شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ڪيريئر بابت ڳالهائيندي چيو ته مان ڊراما انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هر چئنل تي پاڻ وڃي آڊيشن ڏنا، ڪراچي ۾ ڪيترن ئي پراڊڪشن هائوسز ۾ آڊيشن ڏنا هئا.

هن چيو ته اسان جي شوبز انڊسٽريءَ ۾ هيروئن بڻجڻ لاءِ ڀلي قد وڏو هجي يا نه پر سنهڙو سمارٽ هجڻ ۽ رنگ ڀورو هجڻ تمام ضروري آهي.

پنهنجي شادي بابت سوال تي اداڪارا چيو جڏهن به شادي ڪنديس ته رڳو نڪاح جي تقريب ٿيندي، ان کان وڌيڪ فنڪشن نه ٿيندا.

دُرِ فشان اهو به انڪشاف ڪيو ته ننڍپڻ ۾ مان پنهنجو نالو تبديل ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، ڇو ته منهنجو نالو وٺڻ ڏاڍو ڏکيو هو ۽ مان ان کي تبديل ڪرڻ پئي چاهيو.

وڌيڪ پڙهو: