KTN News

پاڪستان ۽ افغانستان جي وفدن جي وچ ۾ دوحه ۾ ڳالهين جي شروعات

پاڪستان ۽ افغانستان جي وفدن وچ ۾ ڳالهيون قطر جي راڄڌاني دوحه ۾ شروع ٿي ويون آهن۔

انهن ڳالهين جي ميزباني قطر جي انٽيليجنس چيئف عبدالله بن محمد الخليفه ڪري رهيا آهن۔

سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي طرفان وزير دفاع خواجه آصف وفد جي سربراهي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته افغانستان جي طرفان وزير دفاع ملا يعقوب وفد جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي۔

پاڪستاني سيڪيورٽي عملدار به وزيرِ دفاع جي مدد ڪري رهيا آهن.

سفارتي عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان افغانستان سان دهشتگرد گروپن جي دراندازي بابت هڪ نقطي ايجنڊا تي ڳالهائي رهيو آهي.

ذريعن موجب، افغان انٽيليجنس چيف به افغان وفد ۾ شامل آهن.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube