پاڪستان

November 22, 2021 12:50 pm

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئه ٿي ويو

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئه ٿي ويو آهي، قرضن جي بحالي طئه ٿيل شرطن تي عملدرآمد سان مشروط هوندي.

آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جون تائين ڪارڪردگي هدف وڏي مارجن سان پورا ڪري ورتا آهن،

جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسنگ خلاف اڳڀرائي ڪئي وئي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌيو ۽ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آئي آهي.

آءِ ايم ايف موجب هلندڙ سال جي ڊي پي گروٿ 4 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي،

عالمي مالياتي فنڊ پاڪستان پاران فيٽف پلان تي عملدرآمد ڪرڻ جي پڻ واکاڻ ڪئي وئي آهي..

وڌيڪ پڙهو: