پاڪستان

رانديون

October 12, 2021 2:36 pm

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ٽيسٽ بالر سرفراز نواز هڏين جي بيماري جي ور چڙهي ويو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ٽيسٽ بالر سرفراز نواز هڏين جي بيماري جي ور چڙهي ويو آهي.

رورس سوئنگ ايجاد ڪندڙ پاڪستاني فاسٽ بالر سرفراز احمد گذريل ڪيتري عرصي کان لنڊن ۾ رهندو آهي.

سرفراز احمد کي گذريل ڪتري عرصي کان هڏين جي بيماري ٿي وئي آهي،جنهن سبب کي هلڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي،جنهن سبب هو واڪر جو سهارو وٺي گهر آڏو واڪ ڪندو آهي.

واضح رهي ته سرفراز نواز پاڪسان پاران 55 ٽيسٽ ميچز ۾ 177وڪيٽون حاصل ڪيون،جنهن ۾ بهترين بالنگ 86رنز عيوض 11 وڪيٽون آهن،جڏهن ته 45ون ڊي ميچز م 63وڪيٽون حاصل ڪيون،جنهن ۾ سندس بيسٽ بالنگ 27رنز عيوض 4وڪيٽون آهن.

وڌيڪ پڙهو: