رانديون

January 7, 2022 12:49 pm

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گذريل سال بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي رانديگرن کي مختلف ڪيٽگريز ۾ ايوارڊ سان نوازيو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گذريل سال بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي رانديگرن کي مختلف ڪيٽگريز ۾ ايوارڊ سان نوازيو آهي، جنهن ۾ محمد رضوان ٻه ايوارڊز حاصل ڪيا.

پي سي بي جي هاءِ پرفامنس سينٽر ۾ منعققد ٿيل تقريب ۾ رانديگرن کي 8 مختلف ڪيٽگريز ۾ ايوارڊز ڏنا ويا، جنهن ۾ اسپرٽ آف ڪرڪيٽ ۽ ايمپائر آف دي ايئر جو ايوارڊ به شامل هو.

موسٽ ويليو ايبل پليئر آف دي ايئر جو ايوارڊ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان کي ڏنو ويو.

وومن ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ ندا ڊار کي ڏنو ويو، جنهن ۾ 6 ٽي-ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچز ۾ 95رنز سان گڏ ست وڪيٽون حاصل ڪيون.

جڏهن ته پاڪستان وومنز ڪپ ۾ 146رنز ۽ 14وڪيٽون حاصل ڪيون.

قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي کي ٽيسٽ ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ ڏنو ويو.

ون ڊي ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي ڏنو ويو، ان ڪيٽگري ۾ بابر اعظم سان گڏ فخرزمان، حارث روف ۽ شآهين شاهه آفريدي هئا.

وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان کي سال جو بهترين ٽي-ٽوئنٽي پليئر جو ايوارڊ ڏنو ويو.

ايمرجنگ پليئر آف دي ايئر جو ايوارڊ نوجوان فاسٽ بالر محمد وسيم جونيئر کي ڏنو ويو.

بيسٽ پرفامنس آف دي ايئر جو ايوارڊ فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي کي ڏنو ويو،

جنهن ٽي-ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ ڀارت خلاف 31 رنز عيوض 3 وڪيٽون حاصل ڪري ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ايمپائر آصف يعقوب کي سال جو بهترين ايمپائر جو ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته ڊومسٽڪ ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ صاحبزاده فرحان کي ڏنو ويو.

وڌيڪ پڙهو: