پاڪستان

January 7, 2022 1:43 pm

پاڪستان ڪرونا جو مقابلو ڪرڻ ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو : وزير اعظم عمران خان

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ڪرونا جو مقابلو ڪرڻ ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو،

حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون دوران تعميراتي صنعت جي لاءِ رعايتون ڏنيون،سماجي تحفظ جي پروگرام جو اعلان ڪيو.

گڏجاڻي جي صدارت ڪندي وزير اعظم  عمران خان چيو ته صنعتن، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي لاءِ سبسڊي ڏئي معيشت کي بچايو.

وزيراعظم چيو ته حڪومت ٽن سالن ۾ وڏيون معاشي ڪاميابيون حاصل ڪيون،اسان کي وڏو گردشي قرض ورثي ۾ مليو.

عمران خان چيو ته  2018 ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ ادائيگين جي بدترين بحران، ڪرونا سبب معاشي مشڪلاتن،

عالمي مارڪيٽ ۾ مختلف شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ افغانستان ۾ انساني بحران جا پاڪستان تي سڌا توڙي اڻ سڌا اثر پوڻ باوجود ترقي جي رفتار 4 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي، جيڪا وڏي ڪاميابي آهي..

وڌيڪ پڙهو: