top_news

اهم خبرون

پاڪستان

تازه خبرون

July 7, 2022 5:46 pm

پاڪستان ڏيوالي طرف وڃي رهيو آهي: شوڪت ترين

اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ڏيوالي طرف وڃي رهيو آهي، نئين چونڊون ۽ نئون مينڊيٽ ئي ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل آهي.

7 جولاءِ تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته روس کان تيل وٺڻ تي پابندي نه هئي پر موجوده حڪومت آمريڪا جي خوف کان تيل نه وٺي رهي آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت هجي ها ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ تي عوام کي فوري رليف ڏئي ها. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ تي حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪري. حڪومت تي تنقيد ڪندي شوڪت ترين چيو ته موجوده حڪومت مهانگائي جو 14 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اڄ ملڪ ۾ 8 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. شهباز شريف چيو هو ته پهرين جولاءِ کان لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، اسان کي به مسئلا هئا، اسان اتان پئسن جو بندوبست ڪري عوام کي بجلي فراهم ڪندا هئاسين.

وڌيڪ پڙهو: