پاڪستان

تازه خبرون

November 20, 2021 8:46 pm

پاڪستان ممڪنه تابڪاري مواد هٿ ڪرڻ جي ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو

پاڪستان ممڪنه تابڪاري مواد هٿ ڪرڻ جي ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو

پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان ممڪنه تابڪاري مواد هٿ ڪرڻ جي ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڀارتي ميڊيا جون خبرون بي بنياد آهن.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارتي ميڊيا جون رپورٽون پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي مذموم ڪوشش آهي ۽ اهي رپورٽون عالمي برادري کي گمراهه ڪرڻ جي سازش آهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارتي ميڊيا ڪراچي کان شنگهائي ويندڙ ڪنٽينر ۾ ممڪنه تابڪاري مواد هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اختيارين مندرا بندرگاهه تي ممڪنه تابڪاري مواد هٿ ڪيو آهي.

ترجمان موجب ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ عملدارن جو چوڻ آهي ته خالي ڪنٽينر چين ڏانهن واپس موڪليا پيا وڃن، ڪنٽينر خالي هئا، شپنگ دستاويزن ۾ ڪارگو کي غير موثر قرار ڏنو ويو آهي.

ترجمان جو چوڻ هو ته اهي ڪنٽينر اڳ ۾ ڪي-2 ۽ ڪي-3 ائٽمي پاور پلانٽس لاءِ چين کان ڪراچي تائين ايندھن جي منتقلي لاءِ استعمال ڪيا ويا هئا، اهي ٻئي ائٽمي پاور پلانٽس IAEA جي سيف گارڊز ۾ استعمال ٿيندا آهن.

وڌيڪ پڙهو: