پاڪستان

December 31, 2021 1:30 pm

پاڪستان جي ڪنهن به حڪومت ايترو وڏو فيصلو ناهي ڪيو : وزير اعظم عمران خان

وزير اعظم عمران خان پنجاب جي هر ڪٽنب کي 10 لک رپين جي هيلٿ انشورنس ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،ڪارڊ تي 10 لک رپين جو علاج ڪنهن به اسپتال مان ڪرائي سگهجي ٿو،

پاڪستان جي ڪنهن به حڪومت ايترو وڏو فيصلو ناهي ڪيو،.

وز ير اعظم عمران خان لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته فلاحي رياست اها هوندي آهي جتي سڀني کي ترقي ۽ خوشحالي جو موقعو ملي.

هن چيو ته مديني واري رياست جو ماڊل اڄ مسلمان ملڪن ۾ نه پر يورپ ۾ نظر اچي ٿو.

هن چيو ته پهريون ڀيرو برطانيا ويس ته اتي فلاحي رياست ڏٺي،فلاحي رياست عام ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪندي آهي.

عمران خان چيو ته پهريون ڀيرو مديني جي رياست ۾ ڪمزور طبقي جي ذميواري رياست کنئي.

هن چيو ته پاڪستان کي عظيم دڳ تي آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺون پيا،اسان کي ان دڳ تي اچڻو آهي، جيڪو قوم جي عظمت جو رستو آهي.

عمران خان چيو ته مديني واري رياست جي سامهون ايشين ٽائيگر ته ڪا به شئي ناهي.

هن چيو ته وقت ٻڌائيندو ته ميٽرو ٽرين ملڪ کي وڌيڪ فائدو پهچائيندي يا صحت ڪارڊ،صحت ڪارڊ سان اسپتالن جو نيٽ ورڪ ڦهلجندو..

وڌيڪ پڙهو: