اهم خبرون

سنڌ

August 5, 2022 4:51 pm

پاڪستان جو پهريون انٽرا سٽي بس ٺاهڻ وارو پلانٽ ڪٿي لڳايو ويندو

ڪراچي: سنڌ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي جي عوام کي وڏي خوشخبري ڏئي ڇڏي.

تفصيل موجب سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي پ پ اڳواڻ چيو ته چين جي مشهور بس ٺاهيندڙ ڪمپني سان تفصيلي ملاقات ٿي.

مٿي ڄاڻايل ڪمپني ڪراچي ۾ پاڪستان جو پهريون انٽرا سٽي بس تيار ڪرڻ جو پلانٽ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ان سان پاڪستان ۾ روزگار ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، جڏهن ته ملڪ ۾ گهٽ قيمتن تي بسون دستياب هونديون.

ان کان اڳ سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيني بس ڪمپني جي ڪنٽري مئنيجر سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ٺاهڻ وارو پلانٽ لڳائڻ بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.

لاڳاپيل عملدارن اڳواڻن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 16 کان 20 مهينن ۾ پندرهن کان 18 ايڪڙ زمين تي پلانٽ لڳايو ويندو، پلانٽ هر سال 5 سئو بسون تيار ڪرڻ جي صلاحيت رکندو.

ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ٺاهڻ جو پلانٽ لڳائڻ اسان جي ترجيح آهي.
اسان چاهيون ٿا ته هن منصوبي کي جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت جي طرفان ڪا به دير نه ڪئي وڃي.

وڌيڪ پڙهو: