رانديون

November 20, 2021 5:15 pm

پاڪستان بنگلاديش خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ۽ سيريز کٽي ورتي

ٽن ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻئين ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي آساني سان 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-2 جي ناقابل شڪست سرسي حاصل ڪري ورتي.

بنگلاديش پاڪستان کي فتح لاءِ 109 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو هن 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.

ڍاڪا جي شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪپتان محمود الله ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بالرن شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪنهن به بيٽسمين کي گهڻي دير تائين ڪريز تي نه ٽڪڻ ڏنو.

اوپنر سيف حسن شاهين هڪ رنسون ٺاهي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو، جنهن کانپوءِ بنگلاديش جون وڪيٽون هڪ ٻئي پٺيان گرڻ شروع ٿيون.

پاڪستان طرفان شاداب خان ۽ شاهين شاهه آفريدي 2-2 جڏهن ته وسيم جونيئر، محمد نواز ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ پاڪستان هدف 18.1 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڪپتان بابر اعظم صرف هڪ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جنهن کانپوءِ فخر زمان ۽ محمد رضوان سٺي پارٽنرشپ قائم ڪئي.

محمد رضوان 39 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته فخر زمان 57 ۽ حيدر علي 6 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن کيڏيل پهرين ٽي 20 ۾ پاڪستان سنسني خیز مقابلي کانپوءِ 4 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. پهرين ٽي 20 جو هيرو فاسٽ بالر حسن علي رهيو جنهن 22 رنسون ڏئي 3 رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.

پاڪستان کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي برتري حاصل آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 22 نومبر تي ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي جنهن کانپوءِ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي.

وڌيڪ پڙهو: