پاڪستان

December 14, 2021 12:46 pm

پاڪستان ، دنيا ۾ ٽيون نمبر مهانگو ترين ملڪ بڻجي ويو آهي، ڇا هي تبديلي آهي؟ : شهباز شريف

مخالف ڌر جي اڳواڻ  شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٽن سالن ۾ ملڪ کي مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري جي سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته حڪومت عوام کان انتقام وٺي رهي آهي، اڻپوري ڪارڪردگي سبب عوام مايوس ٿي چڪو  آهي.

هن چيو ته ٽن سالن ۾ ڪوبه مثبت ڪم نه ٿيو آهي،حڪومت کي مستقبل ۾ ڪهڙي تبديلي آڻڻي آهي؟.

مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته گيس جي بندش  سان لکين ماڻهو  بيروزگار ٿي چڪا آهن.

ن ليگ جي صدر چيو ته ملڪ ۾ گيهه ساڍا چار سو روپيا ڪلو گرام ملي رهيو آهي،ڇا ان کي تبديلي چيو وڃي؟.

هن چيو ته  ٽن سالن ۾ ملڪ تي 20 هزار ارب روپين جي قرض جو بار وڌو ويو،سوئي نارڌرن گيس ڪمپني کان ڪي پي جي ايڪسپورٽرز کي 9 ڊالر ايم ايم بي ٽي يو گيس ملي، ڇا هي تبديلي آهي؟،اسٽيٽ بينڪ  هڪ ڀيرو ٻيهر وياج جي شرح وڌائڻ طرف وڃي رهي آهي.

هن چيو ته پنجاب ۾ سيمنٽ جا لائيسنس  کلي عام وڪرو ٿي رهيا آهن، ڇا هي تبديلي آهي؟،پاڪستان ، دنيا ۾ ٽيون نمبر مهانگو ترين ملڪ بڻجي ويو آهي، ڇا هي تبديلي آهي؟.

مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته گوادر جو عوام حڪومت خلاف اٿي بيٺو آهي، انهن کان حق کسيا پيا وڃن، ڇا هي تبديلي آهي؟.

وڌيڪ پڙهو: