رانديون

November 23, 2021 4:51 pm

پاڪستاني ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي ٽرافي ڇو نه ڏني وئي؟ بنگلاديش بورڊ بيان جاري ڪري ڇڏيو

بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽڻ کان پوءِ پاڪستان کي ٽرافي نه ڏيڻ جي معاملي تي بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڪستاني رانديگر ٽرافي نه ملڻ تي حيران هئا ۽ ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي به مختلف افواهون هلي رهيون هيون پر هاڻ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ان تي باضابطه ٽيم مينجمينٽ کي آگاهه ڪيو ويو آهي. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان چيو آهي ته ٽي 20 جي ٽرافي ٽيسٽ سيريز جي ختم ٿيڻ تي ڏينداسين ڇو ته ٽي 20 سيريز جي ٽرافي بنگلاديش بورڊ جي سربراهه کي ڏيڻي آهي جيڪو هن وقت موجود نه آهي.

بي سي بي ترجمان راهد امام چيو ته بنگلاديش بورڊ ۽ اسپانسر ادارن جا ماڻهو بائيو سڪيور ببل جو حصو نه آهن ان ڪري ڪورونا پابندين سبب ٽي 20 ٽرافي پاڪستاني ٽيم کي ناهي ڏني. ان لاءِ ٻئي ٽرافيون ٽيسٽ سيريز جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ئي ڏني وينديون. واضح رهي ته پاڪستان ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز ۾ بنگلاديش کي ڪلين سوئپ ڪيو ۽ آخري ميچ ۾ انتهائي دلچسپ مقابلي کان پوءِ ڪاميابي حاصل ڪئي.

وڌيڪ پڙهو: