پاڪستان

تازه خبرون

November 18, 2021 5:59 pm

”پاڪستاني ٽيم کي جھنڊي سميت واپس موڪليو“، بنگلاديشي وزير جو جھنڊو لڳائڻ تي اعتراض

نيٽ سيشن دوران پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم طرفان پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائڻ تي سوشل ميڊيا صارفين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته بنگلاديشي وزير به پنهنجي سرزمين تي پاڪستاني جهنڊو ڏسي حيران ٿي ويو.

پاڪستاني ٽيم جي عبوري هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ جي پريڪٽس سيشن دوران رانديگرن جي حوصلا افزائي لاءِ جهنڊو ڦڙڪائڻ واري مهم جي شروعات ڪئي جنهن تي ڪرڪيٽ جا مداح حيران ٿي ويا ۽ ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي مختلف تنقيدي تبصرا پڻ ڪيا ويا.

بنگلاديش جي سڌ سماءَ واري وزير مراد حسن به ان معاملي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هو پريڪٽس سيشن دوران پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائڻ واري ٽيم کي قبول نه ٿا ڪري سگهن.

”مون وٽ پاڪستاني رانديگرن لاءِ چوڻ لاءِ ڪجهه ناهي پر اسان مشق سيشن دوران سندن پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائڻ کي قبول نه ٿا ڪري سگهون، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن اسان بابا بنگلاديش شيخ مجيب جي سالگره ملهائي رهيا آهيون ۽ سندن آزادي جي 50 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون.

”منهنجو خيال آهي ته انهن کي پرچم سان واپس موڪلڻ گهرجي ،“ بنگلاديش جي رياستي وزير قومي ٽيم جي خلاف سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

بنگلاديشي وزير چيو ته پاڪستاني جهنڊو ڏسي اسان جون دليون دانهون ٿي وينديون آهن، سيشن دوران جهنڊي جي ضرورت ڇو پئي؟ هي ڊرامو آهي يا افسانو؟

ياد رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 19 نومبر کان شروع ٿيندي جنهن لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: