اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نظام ۾ مداخلت ٿيندي ته ملڪ اڳتي وڌي نه سگهندو،
نيب چيئرمين نه پهريان فيصلا ڪندو هو، نه ئي هاڻ ڪري ٿو،پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وزيرن کي فون ڪري گهرايو ويو.
اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پارليامينٽ مان استعيفائون ۽ بي اعتمادي جي رٿ وارا آپشن موجود آهن، وقت تي استعمال ڪنداسين.
هن چيو ته موجودهه حڪومت ۾ هر کاتي ۾ اسڪينڊل موجود آهي،معيشت جي تباهي، امن امان جو مسئلو آهي، ڪابه شنوائي نه ٿي رهي آهي.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته آرڊيننسن ذريعي حڪومت پنهنجي پناهه ڳولي رهي آهي،مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت ۾ اضافو آسمان سان ڳالهائي ٿو، عوام سخت مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي..