پاڪستان

تازه خبرون

November 10, 2021 5:31 pm

پارليامينٽ جو سڀاڻي ٿيندڙ اجلاس ملتوي

پارليامينٽ جو سڀاڻي ٿيندڙ گڏيل اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪندي چيو ته چونڊ سڌارا ملڪ جي مستقبل جو معاملو آهي، اسان نيڪ نيتي سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان معاملي تي اتفاق راءِ پيدا ٿئي.

هن چيو ته اتفاق راءِ جي حوالي سان اسپيڪر اسد قيصر کي هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن سان رابطو ڪرڻ جو چيو ويو آهي ته جيئن متفقه چونڊ سڌارا بل آندو وڃي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ان مقصد لاءِ ملتوي ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي اها به اميد آهي ته مخالف ڌر سنجيدگي سان انهن اهم سڌارن تي غور ڪندي ۽ پاڪستان جي مستقبل لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

”جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته اسان پوئتي نه هٽنداسين،“ هن چيو.

ياد رهي ته وفاقي حڪومت 11 نومبر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو هو جنهن ۾ ڪلبوشن ۽ ٻين معاملن تي قانونسازي ڪئي ويندي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٻن بلن جي ٺهراءُ تي حڪومت کٽي وئي هئي.

مسلم ليگ ن جي جاويد حسنين 7 سالن تائين چونڊ نشان تبديل نه ڪرڻ واري اميدوار خلاف بل پيش ڪيو، جنهن جي حڪومت مخالفت ڪئي.

جڏهن ته اسپيڪر زباني ريفرنڊم جي بنياد تي بل جي مخالفت ڪئي ته مخالف ڌر ان کي چئلينج ڪيو. ڳڻپ ۾ مخالف ڌر کي 117 ۽ حڪومت کي 104 ووٽ مليا، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر بل پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

وڌيڪ پڙهو: