پاڪستان

تازه خبرون

October 25, 2021 12:14 pm

ٽڪ ٽاڪ تي پابندي ڇو لڳائي وئي؟: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي ڇو لڳائي وئي؟: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي اَي کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي مطمئن ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهيءَ ۾ بئنچ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر محسن داوڙ جو اِي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت چيو ته پي ٽي اَي درخواست فائل ڪئي آهي پر عدالت جي هدايتن جو جواب موجود ئي ناهي، پشاور ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي اَي جَي ڏنل حلفي بيان ۾ ٽڪ ٽاڪ تي رڳو هڪ سيڪڙو مواد اعتراض جوڳو قرار ڏنو ويو آهي.

عدالت چيو ته وچولو طبقو پنهنجي ٽئلينٽ کي اجاڳر ڪري هن پليٽ فارم مان ڪمائي ڪري رهيو آهي، ڇا پليٽ فارم بلاڪ ڪرڻ وقت ڪنهن ايڪسپرٽ کان راءِ ورتي وئي؟

اٽارني جنرل چيو ته اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪئي ويندي، جنهن تي عدالت چيو ته پليٽ فارم بلاڪ ڪرڻ آئين ۾ ڏنل حقن جي ڀڃڪڙي آهي.

عدالت پي ٽي اَي کي جواب ڏيڻ لاءِ وڌيڪ 22 نومبر تائين مهلت ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته ڇونه عدالت ٽڪ ٽاڪ کي کولڻ جو حڪم ڏئي..

وڌيڪ پڙهو: