لاهور جَي گريٽر اقبال پارڪ ۾ عورت ٽڪ ٽاڪر کي حراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ نئون موڙ اچي ويو، عائشه اڪرم پنهنجي دوست ريمبو کي ولين بڻائي ڇڏيو.
ٽڪ ٽاڪر عائشه کي بليڪ ميل ڪرڻ جَي الزام هيٺ گرفتار سندس دوست ريمبو سميت 8 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
عدالت ۾ ڳالهائيندي ريمبو چيو ته ڇا ڪنهن جي جان بچائڻ جو اِهو انعام ملندو آهي،؟
هن الزام مڙهيو ته عائشه جوابدارن کان 5-5 لک رپيا وٺڻ پئي چاهيا، پيسن پٺيان ڀڄڻ کان منع ڪرڻ تي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيندي هئي.
ان موقعي تي ريمبو جِي گرفتاري واري ويڊيو ٺاهڻ تي چئن اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس چئني جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.