رانديون

January 7, 2022 12:58 pm

ٽِينس اسٽار نوواڪ جوڪووچ کي آسٽريليا ۾ روڪڻ تي دلچسپ ميمز جو سلسلو جاري

عالمي نمبر هڪ ٽِينس اسٽار نوواڪ جوڪووچ کي آسٽريليا ۾ روڪڻ تي دلچسپ ميمز جو سلسلو جاري آهي.

انٽرنيٽ تي هڪ شخص مزاحيه انداز ۾ ٻاراڻي لکت ۾ لکيو ته مان ويڪسنيٽڊ آهيان.

هڪ ٻي تصوير تي تبصرو هوته جوڪووچ آسٽريليا کي اها ڳالهه سمجهائيندو رهيو ته کيس ڪورونا ويڪسين کان طبي بنيادن تي استثنا حاصل آهي.

هڪ شخص اميگريشن آفيسر جي روپ ۾ روائتي حريف راجرفيڊرر کي ڏيکاريو.

واضح رهي ته آسٽريليا ڪورونا وائرس جي سخت قانونن کي پورو نه ڪرڻ تي عالمي نمبر هڪ ٽِينس اسٽار نوواڪ جوڪووچ جي ويزا رد ڪري کيس ڊي پورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

غيرملڪي ميڊيا رپورٽس مطابق نوواڪ جوڪووچ ويزا رد ٿيڻ خلاف آسٽريلوي عدالت سان رابطو ڪيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: