پاڪستان

تازه خبرون

November 14, 2021 1:47 pm

ٽن وقتن جي ماني پچائڻ لاءِ گيس موجود نه هوندي : سليم مانڊي والا

پيپلز پارٽي گيس جي بدترين بحران جو خدشو ظاهر ڪندي ايل اين جي معاهدي جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پ پ اڳواڻ سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته ملڪ ۾ اٽي، ڪڻڪ ۽ کنڊ  کانپوءِ گيس جو بدترين بحران اچڻ وارو آهي.

هن چيو ته موجودهه حڪومت عوام کي واپس پٿر  جي دور ۾ وٺي وڃڻ گهري ٿي.

سليم مانڊوي والا چيو ته حڪومت  واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ٽن وقتن جي ماني  پچائڻ  لاءِ گيس جي فراهمي مشڪل آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته ٽن وقتن جي گيس فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي، جنهن جو مطلب  آهي ته ٽن وقتن جي ماني پچائڻ لاءِ گيس موجود نه هوندي..

وڌيڪ پڙهو: