پاڪستان

December 2, 2021 1:44 pm

ٽن سالن ۾ 11 لک ماڻهن کي صرف پرڏيهي ملڪن ۾ نوڪريون ڏنيون ويون : فواد چوڌري

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ واري معاملي تي ٽيڪنيڪل ڪميٽيون ٺاهڻ جو فيصلو انتهائي ساراهه جوڳو آهي.

ٽوئٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته پارليامينٽ جا فيصلا سمورن ادارن لاءِ مقدم آهن.

هن چيو ته چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن جو ڪردار انتهائي اهم آهي، حڪومت اليڪشن ڪميشن سان هر ممڪن سهڪار ڪندي.

ٻئي طرف وفاقي وزير شهرين کي پرڏيهه ۾ ڏنل نوڪرين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.

ٽوئيٽ وفاقي وزير  چيو ته ڪرونا جي باوجود ٽن سالن ۾ 11 لک ماڻهن کي صرف پرڏيهي ملڪن ۾ نوڪريون ڏنيون ويون.

فواد چوڌري چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ اميد آهي ته 20 لک ماڻهو پرڏيهه ۾ روزگار سان لڳندا..

وڌيڪ پڙهو: