ٽانڪ جي علائقي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي خلاف آپريشن، دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن ۾ شاهه زيب عرف ذاڪر ۽ دانيال شامل آهن ، جن قبضي مان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ، ٽارگيٽ ڪلنگز ۽ اغوا ڪري ڀنگ حاصل ڪرڻ جي وارداتن ۾ ملوث هئا.
پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته دهشتگردن جي موجودگي تي آپريشن دوران هڪ دهشتگرد هٿيارن سميت سوگهو ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر مطابق دهشتگردن سان مقابلي دوران شهيد سپاهين ۾ حوالدار منور،سپاهي ذڪاءُ الله،سپاهي فرحان ۽ سپاهي شيراز شامل آهن..