سنڌ

December 14, 2021 3:21 pm

يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ ذخيرو ڪندڙ ڊيلرز ۽ پيڊي مالڪن خلاف ڊي جي زراعت ۽ ڊي سيز کي ڪارروائي جون هدايتون

وفاق پاران حصو نه ڏيڻ سبب سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، ڪڻڪ جو فصل متاثر ٿيڻ جي خدشي کانپوءِ سنڌ سرڪار به ايڪشن ۾ اچي وئي،

منظور وساڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ کي حصي جو ڀاڻ نه ڏئي رهي آهي، جنهن ڪري تمام گهڻو شارٽ فال آهي.

وفاقي حڪومت پاران سنڌ کي زرعي ڀاڻ حصي کان گهٽ ڏيڻ سبب پهريان ڊي اي پي ۽ هاڻي يوريا ڀاڻ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي،

جنهن ڪري ڊيلرز ۽ پيڊي مالڪ به ذخيرو ڪري آبادگارن کان ٻيڻا اگهه وصول ڪري رهيا آهن.

آبادگار اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حڪومتي سطح تي يوريا جو في ٻاچڪو اگهه هڪ هزار 768 رپيا آهي پر مارڪيٽ ۾ 25 سئو رپيا ملي رهيو آهي،

ڊي اي پي جو به سرڪاري اگهه کان وڌيڪ ورتو پيو وڃي.

هنن چيو ته سنڌ اندر 88 سيڪڙو ڪڻڪ پوکجي چڪي آهي، جنهن لاءِ يوريا جي 58 لک 85 هزار کان وڌيڪ ٻاچڪن جي ضرورت آهي.

زراعت بابت وڏي وزير جي صلاحڪار منظور وساڻ نوٽيس وٺندي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ ذخيرو ڪندڙ ڊيلرز ۽ پيڊي مالڪن خلاف ڊي جي زراعت ۽ ڊي سيز کي ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

منظور وساڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ کي حصي جو ڀاڻ نه ڏئي رهي آهي، جنهن ڪري تمام گهڻو شارٽ فال آهي،

سنڌ جو حصو 23 سيڪڙو ٺهي ٿو پر هن وقت 19 سيڪڙو ڏنو پيو وڃي،

آبادگار اڳواڻن جو چوڻ آهي ته يوريا جو في ٻاچڪو اگهه هڪ هزار 768 رپيا آهي پر مارڪيٽ ۾ 25 سئو رپيا ملي پيو،

هن وقت سنڌ اندر ڪڻڪ جي فصل لاءِ  يوريا جي 58 لک 85 هزار کان وڌيڪ ٻاچڪن جي ضرورت آهي..

وڌيڪ پڙهو: