سنڌ

December 13, 2021 11:24 am

وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ پوليو مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ پوليو مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، وڏي وزير چيو آهي ته مهم دوران 90 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا،

جولاءِ 2020 کانپوءِ ڪوبه ڪيس سامهون نه آيو، 12 سالن جي ٻارن کي ڪرونا وئڪسين به لڳائي ويندي، والدين کي اپيل آهي ته پوليو خلاف مهم ۾ ساٿ ڏين.

سنڌ ۾ اڄ کان 19 ڊسمبر تائين پوليو کان بچاءَ واري مهم شروع ڪئي وئي آهي.

وڏي وزير  مراد علي شاهه ڪراچي جي سوڀراج اسپتال ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاري مهم جو افتتاح ڪيو.

وڏي وزير چيو ته مهم دوران 90 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا،

جولاءِ 2020 کانپوءِ ڪوبه ڪيس سامهون نه آيو، 12 سالن جي ٻارن کي ڪرونا وئڪسين به لڳائي ويندي.

وڏي وزير مراد علي شاه ، والدين کي اپيل آهي ته پنهنجي ٻارڙن جو مستقل محفوظ بنائڻ لاءِ  پوليو خلاف مهم ۾ ساٿ ڏين..

وڌيڪ پڙهو: