پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم ڊسمبر ۾ پاڪستان پهچندي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ به هڪ بيان ۾ پاڪستان جي دوري جي تصديق ڪئي آهي.
پي سي بي موجب ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي ٻن سيريز کيڏندي.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته ٻنهي سيريز جون سموريون ميچون 13 کان 22 ڊسمبر تائين نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيون وينديون.