پاڪستان

تازه خبرون

November 6, 2021 8:02 pm

وفاق کي سفارش ڪئي وئي ته پابندي مڙهيل ٽي ايل پي تان پابندي هٽائڻ جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي

پابندي مڙهيل تنظيم ۽ حڪومت وچ ۾ ٿيل معاهدي تي عملدرآمد لاءِ قائم اسٽيئرنگ ڪميٽي وفاق کي سفارش ڪئي ته پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ تان پابندي هٽائڻ جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي.

ذريعن موجب اسلام آباد ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ ۽ حڪومت وچ ۾ ٿيل معاهدي تي عملدرآمد جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.

پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت معاهدي تي عملدرآمد بابت رپورٽ پيش ڪندي چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم جي 2100 ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي پر جن خلاف ڪيس هلندڙ آهن اهي عدالتن سان رجوع ڪندا.

ذريعن موجب راجا بشارت جو چوڻ هو ته باقي 42 ماڻهن جا نالا به فورٿ شيڊول مان ڪڍيا ويندا، جڏهن ته پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ تان پابندي هٽائڻ لاءِ سمري اڄ وفاقي ڪابينا ڏانهن اماڻي ويندي.

وڌيڪ پڙهو: