پاڪستان

تازه خبرون

October 11, 2021 4:32 pm

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڊالر ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ايف آءِ اي گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي ۽ 5 ڪمپنين جي آڊٽ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير جي جنازي نماز تي گهرو وزارت بهترين انتظام ڪيا ۽ محسن پاڪستان کي گهرو وزارت سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو وزيراعظم جي هدايت هئي ته ڊاڪٽر قدير جي تدفين فيصل مسجد ۾ ڪئي وڃي پر گهر وارن جي مرضي کان پوءِ کيس ايڇ ايٽ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. گهرو وزير چيو ته ڊالر ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ايف آءِ اي گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي ۽ 5 وڏين ڪمپنين جي آڊٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

88 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته 47 جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي.
ڊالر جيڪڏهن غيرقانوني طريقي سان افغانستان اماڻيو ويو ته ان تي ڪسٽم کي جاچ ڪرڻ گهرجي. ڪسٽم ڊپارٽمينٽ گهرو وزارت جي ماتحت نه آهي. اسان جو ڪم صرف هولڊنگ آهي، جاچ جو آهي. شيخ رشيد چيو ته 27 هزار اين جي اوز مان 91 فارين فنڊنگ ۾ ملوث آهن. ان اين جي اوز جي فنڊنگ جا معاملا به ڏسي رهيا آهيون. اين سي او سي کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. ايف آءِ اي کي جعلي ويڪسينيشن جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.

2 پاسپورٽ رکندڙ ماڻهو 30 آڪٽوبر تائين هڪ پاسپورٽ سرينڊر ڪري سگهن ٿا. 2 سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙن مٿان ڏنڊ جي في 10 هزار کان گهٽ ڪري 5 هزار ڪئي وئي آهي. حڪومت کي سمري اماڻي رهيا آهيون ته جن بارڊر تي ايف آءِ اي ۽ ڪسٽم ناهي. اتي مقرري ڪئي وڃي ۽ سهوليت ڏني وڃي.

گهرو وزير چيو ته مذهب جي بنياد تي ڪنهن کي به تنگ نه ڪنداسين. پي ڊي ايم جيڪو ڪرڻ وڃي رهي آهي ائين نه ٿئي ته اهو هن کي گلي ۾ پئجي وڃي. سول ملٽري لاڳاپن جي حوالي سان ڪوبه مسئلو ناهي. جڏهن به ٽرانسفر ٿيندي آهي اها معمول موجب هوندي آهي. وزيراعظم جي هدايت تي پي ايم آفيس ۾ افغانستان ڊيسڪ بڻجندو. گهرو وزارت به ان جو حصو هوندي.

وڌيڪ پڙهو: